نئين دهلي(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جنگبندي واري اعلان کانپوءِ ڀارتي ميڊيا باهه ٿي وئي، ڀارتي اينڪر پرسن ارنب گوسواني چيو آهي ته ڀارت آمريڪي ٽياڪڙي تي رضامندي ئي ظاهر ناهي ڪئي ته ٽرمپ ڪيئن جنگبندي جي دعويٰ ڪري ڇڏي؟ آمريڪي صدر کي زميني صورتحال جي خبر ئي ناهي، ڪجهه ڏينهن اڳ تائين هو چئي رهيو هو ته ان جو جنگ سان ڪو تعلق ناهي. ارنب گوسوامي وڌيڪ چيو ته ٽرمپ طرفان جنگبندي واري اعلان تي سخت اعتراض آهي.