اسلام آباد/راولپنڊي (بيورو رپورٽ+ م ڊ) پاڪستان ڀارت کان آيل وڌيڪ 48 ڊرون ڪيرائي ڇڏيا، ٻن ڏينهن ۾ ڀارت جي تباهه ڪيل ڊرونز جو انگ 77 ٿي ويو، ڀارت ننڪانه صاحب ۾ سکن جي عبادتگاهه تي 6 ڊرون حملا ڪيا جن کي ناڪام بڻايو ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب سمورن ڊرونز کي ريڊار تي لاڳيتو مانيٽر ڪيو پئي ويو، اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم ۾ ايڏي صلاحيت آهي جو ننڍن ڊرونز کي به ٽريڪ ڪري سگهي، شهري علائقن ۽ ڪمرشل اُڏامن دوران ڊرونز ڪيرائڻ جو هڪ آپريشنل طريقيڪار هوندو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارتي حملن ۾ 33 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 62 زخمي آهن، هوڏانهن ايل او سي تي ڀارتي فوج جي گولا باري ڪئي وئي، تازي ڄاول ٻارڙي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا،  سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪاروائي ڪندي 8 ڀارتي چيڪ پوسٽون ۽ بٽالين هيڊڪوارٽر تباهه ڪري ڇڏيو، آزاد ڪشمير جي کوئي رٽا سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج شهري آبادي تي گولا باري ڪئي، تازي ڄاول ٻارڙي سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 12 زخمي ٿي پيا، باغ ۾ گهر تي گولو ڪرڻ سبب هڪ نوجوان شهيد ۽ سندس 2 ڀينرون زخمي ٿي پيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جي پاڪ ايئر فورس ۽ نيوي آفيسرز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  ڀارت جي تاريخ آهي ته سياسي مقصدن لاءِ دهشتگردي کي استعمال ڪندو آهي، پهلگام واقعي جي 10 منٽن ۾ ڪيئن پتو لڳايو ويو ته پاڪستان ملوث آهي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو، پاڪستان پنهنجي وقار ۽ سلامتي جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو، پاڪستان ۾ ڀارت جي پٺڀرائي سان دهشتگردي ٿي رهي آهي، پاڪ فوج پاران ڀارتي حملن جا ثبوت عالمي ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويا ۽ اهو چيو ويو ته ڀارت به ثبوت ڏئي.  اُن کان اڳ ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت کي جج، جيوري ۽ سزا ڏيڻ وارو ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پاڪستان ميزائل فائر ڪري ها ته اُن جو ڪو اليڪٽرانڪ ثبوت هجي ها، ڀارت اسان جا جهاز ڪيرايا آهن ته ملبو ڪٿي آهي، هُنن وٽ اسان جا پائليٽ آهن ته ڪٿي آهن؟ اسان کي ڀارتي ميڊيا جي ضرورت ناهي، اسان جواب ڏينداسين ته سموري دُنيا ٻڌندي، پاڪستان رڳو ڀارت جي اهڙين چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جتان شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. فوجي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت ملوث آهي، ڀارت ۾ پاڪستان حملو ڪيو ته ڊجيٽل سگنيچر ڏيو، ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان حملو ڪري، ته اها خواهش پوري ڪنداسين، ڀارت ثبوت نٿو ڏئي، الزام هڻي ٿو ۽ حملا به ڪري ٿو، ڪشمير ۾ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪوبه پرڏيهي دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، عوام مطمئن رهي، ڀارت کي جواب ڏيڻ لاءِ 200 سيڪڙو تيار آهيون، پاڪستان جوابي ڪارروائين ۾ ڀارتي شهرين کي نه، پر فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته  اسرائيل ۽ ڀارت جو اتحاد فطري آهي، ٻنهي جي اسلام دشمني ڪنهن کان به لڪل ناهي، ايل او سي تي فائرنگ ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا، هيل تائين 25 ڀارتي فوجي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي، قانون جي وفاقي وزير، سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ چيو ته ٺلها اڇا جهنڊا نه ڦڙڪايا ويندا آهن، ڀارت پنهنجي فوجين جا لاش کنيا آهن، مودي جي آڪڙ کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، مودي جي هٿان ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي، پنج ڀارتي جهاز ۽ 77 ڊرون ڪاميابي سان ڪيرائي پاڪستان جي روايتي جنگ ۾ واضح برتري آهي.