جنگ هميشه رت جون نديون وهائيندي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به طاقت ۽ سياست جي راند پنهنجو اوج حاصل ڪيو، ته انسانيت قربان ٿي آهي. پر ان کان به وڌيڪ شرمناڪ پاسو اهو آهي، جنهن بار بار عالمي ضمير کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، اهو آهي جنگ ۾ بيگناهه شهري آبادي کي سڌو سنئون نشانو بڻائڻ. هن وقت به ڊرون حملن کان پوءِ شهرين آبادين کي نشانو بنائي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ڀارت ايل او سي تي شهري آباديءَ کي نشانو بڻائي رهيو آهي. ڀارتي فوج بجيره، فارورڊ ڪهوٽه، کوئي رٽه سميت مختلف علائقن ۾ شهري آباديءَ تي گوليبازي ڪئي. ڀارتي بربريت سان 5 کان وڌيڪ شهرين جي شهيد ٿيڻ جون خبرون آهن. پاڪستان طرفان ڀرپور موٽ کانپوءِ ڀارتي توپون خاموش ٿي ويون.
ڀلي اها بمباري هجي، گهيرو هجي يا خوراڪ، پاڻي، بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي بندش- انهن سڀني عملن جو سڀ کان وڏو اثر عام ماڻهن تي پوي ٿو، جيتوڻيڪ اهي نه ته جنگ جي شروعات ۾ شامل ٿيندا آهن ۽ نه ئي سندن رضا شامل هوندي آهي. جديد دور جي جنگن جو هڪ الميو اهو آهي ته هاڻ محاذ صرف ميدانِ جنگ تائين محدود نه رهيو آهي. رهائشي علائقا، اسڪول، اسپتال، بازارون ۽ عبادتگاهون به هاڻ جنگي هدف بڻجي چڪيون آهن. انهن عملن جو مقصد حريف تي نفسياتي دٻاءُ وجهڻ، عوام کي بغاوت لاءِ اتساهڻ يا عالمي سطح تي سياسي بيانيي کي تبديل ڪرڻ هوندو آهي. پر ان جي قيمت عام ماڻهن جي جان، عزت، مستقبل ۽ ايندڙ نسلن جي تباهي جي صورت ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. بين الاقوامي قانون، خاص طور تي جنيوا ڪنوينشن، شهري آبادي جي تحفظ تي زور ڏين ٿا. جنگي قيدين، زخمين، طبي عملي ۽ عام ماڻهن خلاف ڪنهن به جارحيت کي جنگي جرم قرار ڏنو ويو آهي. گڏيل قومن جي منشور ۾ به واضح طور تي چيو ويو آهي ته جنگ دوران شهري ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت بنيادي ترجيح هجڻ گهرجي. ان جي باوجود، ڀارت طرفان انهن قانونن جي لتاڙ جاري آهي. ڀارتي اڳرائي هونئن ته والاريل ڪشمير ۾ لڳاتار جاري رهي آهي، پر پاڪستان سان تازي ڇڪتاڻ دوران ايل او سي جي شهري آباديءَ کي نشانو بڻائي رهيو آهي. ڀارتي حملا بار بار عبادتگاهن، اسڪولن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻائين ٿا، جنهن تي گڏيل قومون ۽ عالمي برادري رواجي ڳڻتيءَ جي اظهار کان اڳتي وڌي نه سگهي آهي. انهن واقعن مان ظاهر ٿيندڙ تلخ حقيقت اها آهي ته عالمي سطح تي طاقتور ملڪن جي منافقت انساني حقن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي. اهي ئي ملڪ، جيڪي جمهوريت، آزادي ۽ انسانيت جا نعرا ڏين ٿا، جڏهن سندن مفاد شامل هوندو آهي ته ظلم ڪندڙ کي ساٿي بڻائين ٿا ۽ مظلوم جي آواز کي دهشتگردي سان ڀيٽي ڇڏين ٿا.
جنگ ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ صرف جسماني نقصان نه پر هڪ مڪمل تمدني تباهي جو بنياد رکندو آهي. ٻار تعليم کان محروم ٿي ويندا آهن، عورتن جي عزت خطري ۾ پوندي آهي، خاندان وکري ويندا آهن، ۽ سماج نفسياتي مريضن جو مجموعو بڻجي ويندو آهي. هڪ نسل پنهنجي سڃاڻپ، ٻولي، ثقافت ۽ ڌرتي وڃائي ويهندي آهي. تاريخ اهڙين مثالن سان ڀريل آهي جتي سڄيون سڄيون قومون صرف ان ڪري ختم ٿي ويون، جو هوءَ ڪنهن تڪراري سرزمين تي پيدا ٿي يا ڪنهن ناپسنديده قوم سان تعلق رکنديون هيون. هن وقت جڏهن ڀارت طرفان پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي آهي، عالمي ضمير جي هي مجرمانه خاموشي انسانيت تي هڪ بدنما داغ آهي. ڇا اسان اهو قبول ڪري وٺون ته طاقتور جيڪو چاهي سو ڪري، جنهن کي چاهي بمباري سان نابود ڪري، ۽ وري عالمي ميڊيا ذريعي بيانيي کي به پنهنجي حق ۾ موڙي؟ ڇا اسان عالمي برادري طور اهو اصول مڃي ورتو آهي ته انسان جي قيمت هاڻ سندس قوم، مذهب يا جاگرافيائي حيثيت سان طئي ٿيندي؟ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي ادارا، خاص طور تي گڏيل قومون، ان روش کي سختي سان روڪين. ڀارت جي جنگي جرمن تي تحرڪ وٺڻ جي ضرورت کي محسوس ڪندي ان کي ناڪيلي وڌي وڃي.