اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ڀارت پاران سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ لاءِ تيار ڪيل ماسٽر پلان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارت طرفان لداخ ۾ ٺهندڙ 10 هائيڊرو منصوبا سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪرن لاءِ سخت خطرو ۾ وجهي رهيا آهن، سياحت جي نالي تي ڀارت جي آبي دهشتگردي، لداخ ۾ ترقي جي نالي تي پاڪستان جي آبي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڀارت طرفان سنڌو درياءَ جو پاڻي روڪڻ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ عالمي قانونن واضع خلاف ورزي آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ طاس معاهدو صرف هڪ دستاويز نه پر ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي بنياد آهي، ڀارت ان کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ سان ماحولياتي توازن بگڙي سگهي ٿو، ڀارت جي اها روش ان لاءِ به خطرناڪ آهي، ڀارتي آبي منصوبن سان نه رڳو پاڪستان پر سموري خطي جي زراعت، معيشت ۽ ماحول تي اثر پئجي سگهن ٿا، پاڪستان پنهنجي آبي حقن تي ڪو به سمجھوتو نه ڪندو، پاڪستان پنهنجن دريائن جي تحفظ لاءِ هر حد تائين ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڪستان عالمي قانونن تحت قانوني، سفارتي ۽ سياسي محاذ تي ڀرپور جواب ڏيندو، پاڻي جو مسئلو وڏي تباھي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڀارت کي هوش مان ڪم وٺڻ گهرجن، ڀارت کي هن خطرناڪ راند کان هٿ کڻڻو پوندو. مودي سرڪار جي اها روش ڏکڻ ايشيا کي جنگ طرف ڌڪي سگهي ٿي، عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قدمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.