ڀارت ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن اندر حملو ڪري سگهي ٿو: عطاءَ تارڙ

0
25

جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عطاءَ تارڙ چيو آهي ته تصديق ٿيل انٽيلي جنس اطلاعن موجب ڀارت پهلگام واقعي جو جواز بڻائي ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ جارحيت جو ارادو رکي ٿو، پاڪستان ڪنهن به قسم جي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيندو، پاڪستان آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي، بدقسمتي سان ڀارت ٽڪراءَ جي رستي تي هلڻ جي چونڊ ڪئي، عالمي برادري کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جنگ جي تباهي آڻيندڙ نتيجن جي ذميواري رڳو ڀارت تي لاڳو هوندي، پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪندي