نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) هندستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير، جيڪو پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ ۾ هو، ذاتي سببن جي ڪري هندستان واپس آيو. پرڏيهي ميڊيا جي مطابق گوتم گمڀير اربع تي خانداني ايمرجنسي جي ڪري دهلي لاءِ روانو ٿيو. گوتم گمڀير جي غير موجودگي ۾، اسسٽنٽ ڪوچ اسٽانشو ڪوٽڪ ۽ رائن ٽين دوسٽ ۽ بالنگ ڪوچ مورني مورڪل ٽيم جي چارج سنڀاليندا. ياد رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز 20 جون کان شروع ٿيندي.