ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ سندس زال، اداڪاره انوشڪا شرما جي ڀارت ڇڏڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي. سمشهور اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي مڙس ڊاڪٽر شري رام نيني تازو ئي انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار جوڙي ڪوهلي ۽ انوشڪا پنهنجي زندگي ۾ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي، اهي هندستان ڇڏي لنڊن هليا ويندا. گذريل سال کان ويرات ۽ انوشڪا جي هندستان ڇڏڻ بابت قياس آرائيون هلي رهيون هيون، ۽ هاڻي ڊاڪٽر نيني يوٽيوب تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ انوشڪا سان ذاتي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن فيصلي جا ممڪن سبب بيان ڪيا آهن. ڊاڪٽر نيني چيو ته اسان انوشڪا سان ملياسين، هن اسان کي ٻڌايو ته هوءَ لنڊن منتقل ٿيڻ جو سوچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته هوءَ هندستان ۾ امن سان پنهنجي ڪاميابي مان لطف اندوز نه ٿي سگهي. ڊاڪٽر نيني وڌيڪ چيو ته جوڙو پنهنجن ٻارن جي پرورش هڪ عام ۽ پرامن ماحول ۾ ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو انهن لنڊن جهڙو شهر چونڊيو آهي. ياد رهي ته ويرات ڪوهلي هن وقت آءِ پي ايل 2025 ۾ رائل چئلينجرز بنگلور جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي تي مداحن ۽ ماهرن ٻنهي کان تعريف حاصل ڪري رهيو آهي.