لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نواز ليگ دور ۾ ڀارت سان سفارتڪاري تي الزام تراشي ڪئي وئي، الزام هڻندڙن جي حقيقت کُلي سامهون اچي وئي، تنقيد ان تي ٿيڻ گهرجي، جنهن ڀارت آڏو گوڏا کوڙيا، نواز ليگ دور ۾ ڀارت کي جرئت نه هئي ته ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪري. نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز گِل جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ هو هاءِ ڪورٽ جي ترجماني ڇو ڪري رهيو آهي؟ شهباز گِل تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جو نوٽيس وٺي، عدالت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو ته ضمانت منظور ڪئي وئي پر تحريري حڪم نامي تي صحيح نه ڪئي وئي، اميد آهي ته عدالت مان انصاف ملندو، هن چيو ته وزيراعظم بيان ڏنو ته سستين بازارن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، گذريل هفتي 19 سيڪڙو مهانگائي وڌي وئي.