راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آخر ڪڏهن ڀارت پنهنجي سينيما فلمي دنيا مان نڪري حقيقي دنيا ۾ ايندو؟ ڀارت دنيا کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪري، پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته خبر ناهي ڀارت ڪٿان جون تصويرون کڻي ڏيکاري ڊرامو ڪيو، ڀارت چوي ٿو ته پاڪستان ميزائل حملا ڪيا، تصويرون جيڪي ڏيکاريون آهن اتي پروجيڪٽائل گهٽ ۾ گهٽ سڪل گاهه کي ساڙي ڇڏن ها، فوجي ترجمان چيو ته ڀارت ڇا 18هين صدي ۾ رهي ٿو، هي 21هين صدي آهي جتي پروجيڪٽائل پنهنجي پاٿ ڇڏي ويندا آهن.