نئين دهلي / مظفرآباد / لاهور (م ڊ) هندستان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي روايتي جارحيت جو مظاهرو ڪندي بغير ٻڌائڻ جي جهلم درياءَ ۾ اوچتو پاڻي ڇڏي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ درياءَ ۾ چاڙهه اچي ويو. پاڻي جي سطح ڪافي حد تائين بلند ٿي وئي، هندستان جي ان پاڻي دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو نه صرف سرحدن پر پاڻي جهڙي انساني حق تي به حملي آور آهي. چڪوٺي وٽ جهلم درياءَ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي ۾ اوچتو غيرمعمولي اضافو ڏٺو ويو، جنهن سان درياءَ جي ڪناري رهندڙ ڳوٺن ۾ افراتفري مچي وئي. ڀارت جي ان حرڪت عالمي قانون ۽ دريائي معاهدن جي کلي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. بغير اطلاع جي باني ڇڏي هندستان پاڪستان جي شهرين جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هن پنهنجي بدنيتي کي هڪ دفعو ٻيهر وائکو ڪري ڇڏيو. هي قدم نه رڳو غير اخلاقي آهي پر عالمي اصولن جي به سنگين پائمالي آهي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشر مظفرآباد مدثر فاروق جو چوڻ آهي ته پريشاني جي ڪا به ڳالهه ناهي جهلم درياءَ ۾ هيٺين درجي جي چاڙهه آهي، 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي. ايس ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته پاڻي جي اضافي ڇوڙ بابت ڪو به اطلاع ناهي ڏنو ويو. منگلا ڊيم تائين پاڻي پهچڻ ۾ وقت لڳندو، ڊائون اسٽريم وٽ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. عالمي برادري ڀارت جي ان خطرناڪ روش جو نوٽيس وٺي.