ڪراچي (نمائندن وٽان) ڀارتي ۽ اسرائيلي ظلم خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند هڙتال، ريليون، مظاهرا، ڌرڻا، بلوچستان جي شهر خضدار ۾ به جماعت اسلامي جي سڏ تي فلسطينن جي اظھار يڪجهتي لاءِ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي.   ڪراچي ۾  امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي اسرائيلي دھشتگردي خلاف ،غزا جي مظلوم مسلمانن سان ايڪي ۽ اتحاد لاءِ اعلانيل ھڙتال جي سڏ تي ڪراچي ۾ پڻ ڪاروباري مرڪز جزوي طور بند رھيا، ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، حافظ نصرالله چنه.غلام مصطفي١ ميراڻي.عبيدالله گولو ۽ ٻين طرفان ريلي ڪڍي وئي. لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي پاڪستان سڏ تي ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال دوران جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ريلي جي صورت ۾ شهر جو گشت ڪندي نعريبازي ڪندا رهيا. پوليس طرفان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي مُک چوڪن تي وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.سکر ۾ شاهي بازار، صرافه بازار، شهيد گنج، اناج مارڪيٽ، مشن روڊ، گهنٽا گهر، غريب آباد سميت ٻيا مک ڪاروباري مرڪز مڪمل طو تي بند رهيا. جماعت اسلامي ضلعي سکر پاران شهر جي مصروف ترين ڪاروباري مرڪز گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد ۾ واپاري برادري ۽ جماعت اسلامي پاران  فلسطين ۽ غزا ۾ اسرائيلي بربريت خلاف ھڙتال  جي سڏ  تي حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ مڪمل شٽر ڊائون ۽ قاسم آباد ۾ جزوي ھڙتال رهي.  حيدرآباد شھر جا علائقا مارڪيٽ ٽاور، سري گھاٽ، ريشم بازار، شاھي بازار ،فقير جو پڙ ،ڦليلي بازار پڃرا پور،صدر، موبائل ماڪيٽ، سميت سمورا شھري توڙي لطيف آباد ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي جڏھن قاسم آباد ۾ پڻ جزوي طور ڪاروبار بند رھيو . ڪوٽڙيءَ ۾ به جماعت اسلاميءَ جي سڏ تي فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، شهر جا مک ڪاروباري مرڪز طارق روڊ، شاهي بازار، المدينا چونڪ، عيدگاھ روڊ، پريس ڪلب روڊ، اسٽيشن روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند رهيو، انتظاميا سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا.  ٽنڊي محمد خان ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، هڙتال سبب شهر جا سمورا ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ، بٺورو روڊ، مهراڻ چوڪ، واڻ بازار، شاهي بازار، چاندني چوڪ، الفتاح چوڪ، پراڻي بس اسٽاپ سميت ٻيا علائقا مڪمل طور تي بند رهيا .   ٽنڊو آدم ۾ محمدي چوڪ، شاهي بازار، بمبئي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، سونارڪي بازار، لوهار گلي، موبائيل مارڪيٽس، مڇي مارڪيٽ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا دڪان، سبزي منڊي، لطيف گيٽ، فوجي موڙ، ٽنڊو الهيار روڊ، ٽنڊو آدم ميرپور خاص روڊ، ايم اي جناح روڊ، کنڊو روڊ، حيدرآباد روڊ وارا علائقا مڪمل طور بند رهيا،   ٽنڊي الھيار  ۾ فلسطين جي حمايت ۾ مڪمل شٽر ڊائون رهي، پيٽرول پمپ به بند رهيا،   ،ٽنڊوالھيار جي مين بازار  نصرپور روڊ چمبڙ روڊ بڪيرا روڊ  سميت سنجر چانگ عثمان شاھ ھڙي  پيارو لنڊ ۾ ب ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو جڏهن ته هڙتال سبب خانگي تعليمي ادارا ۽ پيٽرول پمپ به بند  رهيا. تاجر اڳواڻ حميد قريشي ، ماما رتن لعل ، سيد سڪندر شاھ ، حافظ ڌني بخش لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سوين ماڻهن اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي.   خيرپور جي شاهي بازار، ايوب بازار، مير علي بازار، صرافه بازار سميت پنجگلا چوڪ، ڇٽي چوڪ، لقمان شهر، حسيني چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا جيڪب آباد ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ديدار لاشاري ۽ ٻين پاران ٻيڙي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڊاڪٽر امتياز شيخ . محمد ابرهيم دايو احتجاج به ڪيو. ڇاڇروسنڌ طاس معاھدي خلاف ورزي ۽ فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي طور جماعت اسلامي جي سڏ تي ڇاڇرو ۾ مڪمل طور سڄو ڏينهن شٽر بند هڙتال مين چوڪ کان حافظ امان الله بجير، حافظ قربان نهڙي، ڪمال بجير، حاجي محمد اڳواڻي ۾پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.گهارو ۾ مڪمل هڙتال ڪري مولانا عبدالسميع هاليپوٽو، حافظ نور محمد ڪوريجو، حماد اشرف راجپوت ۽ مولوي نذير پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ محمد هاشم نونداڻي جي سماجي اڳواڻ فوجي عبدلرحمان نونداڻي جي اڳواڻي ۾ فلسطين جي مسلمانن سان اظهار يڪجھتي لاءِ نونداڻي برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي،  پٿورو  ۾ سيد ذوالفقار علي شاھ لڪياري، اعجاز علي آريسر، نياز شر، امير علي شر، باسط پلي ۽ ٻين  پاران  شٽربند بند ھڙتال ڪري  گورئمنٽ  ھائر سيڪنڊري اسڪول بچابند کان ريلي ڪڍي ويئي. ڊگهڙي ۾شهر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي روڊن تان ٽريفڪ غائب رهي، هڙتال سبب شهر جي سونار بازار، شاهي بازار، موبائيل مارڪيٽ سميت ننڍيون وڏيون مارڪيٽون بند رهيون. ھالا ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي ھالا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري جماعت اسلامي ضلعي مٽياري جي امير فقير محمد لاکو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.   ڏيپلو ۾جماعت اسلامي ٿرپارڪر جي سڏ تي شٽر بند هڙتال سبب شهر  مڪمل بند رهيو، جڏهن ته  اسرائيل جي ظلم خلاف  ياسين  مغل ،حافظ ايوب چارو ، عبدالرحمان اوٺو  ربنواز  نهڙيو ، جي  يو  آءِ مولوي حيدر نهڙيو ، ارباب گروپ ڏاترڏنو نهڙيو،  جماعت الحديث مولوي هادي جوڻيجو، شهري اتحاد مسعود جوڻيجو،  واپاري ايسوسيئشن صدر غلام مصطفي ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.بدين ۾ هڙتال سبب غريب اباد، شاھي بازار، ريشم گلي، سونارا بازار، جھونا مارڪيٽ، شھباز روڊ، قائداعظم روڊ، شاھ لطيف روڊ،شھيد شاھنواز چوڪ، مھراڻ چوڪ، شھيد فاضل چوڪ، مھراڻ چوڪ، ڊي سي او چوڪ سميت اڪثر ڪاروباري مرڪز بند رھيا.ميرپورخاص ۾ شٽربند ھڙتال سبب شھر جا مک ڪاروباري علائقا مارڪيٽ چوڪ ، بلديا مارڪيٽ ، کسڪ پورا ، سبزي منڊي ،جرواي شاخ ، سميت ھيراباد، محمود آباد ، چاندني چوڪ، سر سيد روڊ  سميت ٻين علائقن ۾ شھرين پاران ڪاروبار مڪمل بند رهيا.سنڌڙي ۾ هڙتال سبب ھنڱورنو، تگوسر، سامارو موري ۽ ٻيا ننڍا وڏا علائقا بند رهيا.مٺي سميت ٿر مختلف شهرن ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي خلاف مظاهره ڪيا ويا مٺي ۾ گورنمينٽ صادق فقير بوائز ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي وئي .مٺي ۾ فلسطينن سان اظهار يڪجهتي طور پوري مُلڪ جيان مٺي ۾ به جماعت اسلامي پاران شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي.ڪنري جي درزين نھال داس، موهن ڪمار، راجا مدھوش، ڪمليش مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪنري شھر جون بازارون، مارڪيٽون، دڪانون مڪمل طور بند رهيون، اڳواڻن هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ فلسطيني جهنڊا کڻي احتجاج ڪيو،جهڏو ۾ مظلوم فلسطين سان اظهار يڪجهتي لاءِ  شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.مٺي ۾جماعت اسلامي جي مير محمد بليدي، ياسين لطيف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، شٽربند هڙتال سبب شهر جون مارڪيٽون بند ۽ چوڪ ويران نظر آيا،  مدئجي ۾جماعت اسلامي جي سڏ تي  هڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن طرفان ريلي پڻ ڪڍي وئي. ٺل ۾ جماعت اسلامي پاران  شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، امداد الله بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي به ڪڍي وئي.اڳواڻن چيو ته گڏيل قومون اسرائيلي بربريت جو نوٽيس وٺي فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائين، ڀارت جيڪڏهن اڳرائي ڪئي ته جواب ڏينداسين.