نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي گهرووزير اميت شاهه والاريل ڪشمير جو نالو تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. ڪشمير جي تاريخ تي لکيل ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي اميت شاهه چيو ته ممڪن آهي ته تاريخ ۾ ڪشمير جو نالو بابا ڪش يپ جي نالي تي رکيو ويو هجي. تاريخدانن کي جيڪو ڪرڻو هو اهو ڪري ڇڏيو پر هاڻ اسان کي ڪير ٿو روڪي سگهي، هاڻ اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان حقيقتون ۽ شاهديون ڏسي تاريخ درست ڪريون. هن چيو ته اسان کي چڱي ريت خبر آهي ته ڪشمير کي ڪش يپ جي سرزمين چيو ويندو هو اسان ڪشمير جي ثقافتي شان کي حاصل ڪنداسين.