ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو نالو اهم ايوارڊ لاءِ شامل ڪيوويو آهي، هڪ تازي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ممبئي جي وانڪيڊي اسٽيڊيم ۾ هڪ اسٽينڊ جو نالو هندستاني ڪپتان روهت شرما جي نالي تي رکيو وڃي سگهي ٿو. تفصيل موجب، روهت شرما جو نالو 15 اپريل تي ايم سي اي جي ايپڪس ڪائونسل جي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويندو، پر هو ممبئي جي ٻين وڏن نالن سان مقابلو ڪندو. رپورٽ موجب، ايم سي اي کي پنهنجي ڪلب جي ميمبرن کان درخواستون ۽ تجويزون مليون آهن ته اسٽيڊيم جي ٻاهران اسٽينڊ يا جڳهن جا نالا اڳوڻي صدر شرد پوار، مرحوم ولاس رائو ديشمک، مرحوم هندستاني ڪپتان اجيت واڊيڪر، مرحوم اکناٿ سولڪر، مرحوم دليپ سردسائي، مرحوم پدماڪر، اڳوڻي هندستاني ڪپتان ڊيانا ايڊولجي ۽ موجوده هندستاني ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي نالي تي رکيا وڃن. ايم سي اي جي صدر اجنڪيا نائڪ چيو ته ميمبرن پاران ڪجهه تجويزون ڏنيون ويون آهن، پر آخري فيصلو ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي جنرل باڊي ميمبرن پاران ڪيو ويندو. ياد رهي ته روهت شرما جي ڪپتاني ۾، هندستان گذريل نو مهينن ۾ ٻه آءِ سي سي ٽائيٽل (2024 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ 2025 ۾ چيمپئنز ٽرافي) کٽيا آهن. هي هڪ اهڙو ڪارنامو آهي جيڪو ممبئي جو ڪو به رانديگر ڪپتان جي حيثيت سان حاصل نه ڪري سگهيو آهي.