نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت انگلينڊ کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو، پر ڪجهه فيصلا بحث جو موضوع بڻيا، خاص طور تي اڪشر پٽيل کي مٿئين نمبر تي موڪلڻ ۽ ڪي ايل راهل کي گهٽ موقعو ڏيڻ تي تنقيد ٿي. ڀارتي ڪوچ گوتم گمڀير وضاحت ڪندي چيو ته هو بيٽنگ آرڊر بدران ان ڳالهه تي ڌيان ڏيندو ته ڪير وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن کاٻڙيل بيٽر بهتر کيڏي سگهي ٿو ته کيس موقعو ڏيڻ ۾ ڪو مسئلو نه آهي. گمڀير ٻڌايو ته هو ماضي ۾ آءِ پي ايل جي مختلف فرنچائزن لاءِ ساڄي-کاٻي هٿ واري جوڙي کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته في الحال ڪي ايل راهول ئي پليئنگ اليون ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور مضبوط اميدوار آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه وڪيٽ ڪيپر موجود آهن، پر رڳو هڪ کيڏي سگهي ٿو. رشڀ پنت کي به موقعو ملندو، ۽ کيس تيار رهڻ گهرجي، پر في الحال راهول اسان جو پهريون انتخاب آهي. گمڀير انڪشاف ڪيو ته نوجوان بيٽر يشسوي جئسوال کي پهرين ون ڊي ۾ کيڏائڻ جو منصوبو هو، پر ويرات ڪوهلي جي انجري سبب شرياس اَئير کي موقعو مليو، جنهن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ پڪي ڪئي. هن چيو ته ٽيم مئنيجمينٽ ڏسڻ چاهي پئي ته جئسوال کي موقعو ڏيڻ مناسب ٿيندو يا نه، پر شرياس جي پرفارمنس کي اهميت ڏني وئي ۽ چوٿين نمبر تي هو بهترين آپشن ثابت ٿيو.