نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي ۾ ٿيندڙ جي _20 سربراهي اجلاس دوران سخت برساتن سبب ڪنوينشن سينٽر ۾ پاڻي گڏ ٿي ويو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي. برساتي پاڻي بيهي وڃڻ ڪري جي ٽوئنٽي سربراهي اجلاس جو ٻئي ڏينهن جو سيشن دير سان شروع ٿيو، ٻئي پاسي ڪنوينشن سينٽر ۾ پاڻي بيهڻ تي مخالف ڌر ڪانگريس سخت تنقيد ڪئي آهي. ڪانگريس اڳواڻن چيو ته هي اهو ڪنوينشن سينٽر آهي جنهن تي 2 هزار 7 سئو ڪروڙ جو وينيو تيار ڪيو ويو هو پر اهي سڀ پيسا لڙهي ويا.