جئپور (اسپورٽس نيوز)انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪياڻي ۽ بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا پريتي زنٽا هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي پنهنجي جعلي تصوير وائرل ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پريتي زنٽا نوجوان ڀارتي ڪرڪيٽر ويڀوَ سورياونشي کي ڀاڪر پائي رهي آهي، جيڪا مبينا طور تي جئپور جي سوائي مان سنگهه اسٽيڊيم ۾ ورتي ويئي آهي، جتي پنجاب ڪنگز ۽ راجستان رائلز وچ ۾ مقابلو ٿيو هو. پريتي زنٽا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس جو سهارو وٺندي وائرل تصويرن تي ردعمل ڏنو ۽ انهن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته ” مان حيران آهيان ته ملڪ جا ٽي وي چئنل به هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي( اي آءِ ) ذريعي ٺهيل تصويرون استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اِهي مسلسل خبرن ۾ ڏيکاري رهيا آهن.“ ان ڏس ۾ راجستان رائلز جي آفيشل اڪائونٽ تان به هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ پريتي زنٽا کي نوجوان ڪرڪييٽر سان رڳو هٿ ملائيندي ۽ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، پر ڀاڪر پائڻ وارو منظر ڪٿي به نظر نٿو اچي.