ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي کي پنهنجي اڳوڻي زال کي هر مهيني چار لک ڀارتي رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، حسين جهان جي اڳوڻي زال جي وڪيل امتياز احمد چيو ته هي سندس ڪلائنٽ لاءِ هڪ بهترين لمحو هو. 2018 کان 2024 تائين، انهن تمام گهڻو ڊوڙايو. آخرڪار، حسين جهان کي اڍائي لک رپيا ۽ سندس ڌيءَ کي اڍائي لک رپيا هر مهيني ادا ڪرڻ جو حڪم کليل عدالت ۾ جاري ڪيو ويو.
هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي هدايت ڪئي آهي ته عبوري حڪم جي مکيه درخواست کي ڇهن مهينن اندر ختم ڪيو وڃي. هڪ مضبوط امڪان آهي ته جڏهن ڌريون ٻڌڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر ٽرائل ڪورٽ ڏانهن واپس اينديون ته اها رقم ڇهه لک تائين وڌي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته حسين جهان پنهنجي درخواست ۾ ان حوالي سان ست لک ۽ ٽي لک جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته حسين جهان شادي کان اڳ ماڊل طور ڪم ڪندي هئي ۽ 2014 ۾ محمد شامي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ هن ماڊلنگ کي الوداع چيو. 2015 ۾ انهن جي هڪ ڌيءَ پيدا ٿي. 2018 ۾ حسين جهان محمد شامي تي گهريلو تشدد ۽ استحصال جو الزام لڳايو، جنهن کان پوءِ ٻئي الڳ ٿي ويا.