ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ گجرات ٽائيٽنز جي ڪپتان شبمن گل انڪشاف ڪيو ته هو گذريل 3 سالن کان سنگل آهي ۽ سندس ڪا به گرل فرينڊ ناهي. هڪ تازي انٽرويو ۾، ڀارتي ڪرڪيٽر چيو ته مان ميڊيا ذريعي مختلف ماڻهن سان ڳنڍيل آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو ايترو مزاحيه هوندو آهي ته مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به هن شخص کي نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي مان ان سان مليو آهيان. هن چيو ته مان ميڊيا تي ڏسي رهيو آهيان ته مان هن ڇوڪري سان ڊيٽنگ ڪري رهيو آهيان، ان ڇوڪري سان گڏ گهمي رهيو آهيان، پر منهنجو سڄو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي. ياد رهي ته ماضي ۾ شمبن گل جي سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا، جيڪا هندستان ۾ ڪرڪيٽ جي خدا جي نالي سان مشهور آهي، ۽ پوءِ بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان ۽ اداڪاره اونيت ڪور سان ڊيٽنگ جون افواهون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون هيون.