نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽر رويندرا جديجا ڀارتيا جنتا پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. رويندرا جديجا جي گهرواري ريوابا جديجا پنهنجي مڙس جي پارٽي ۾ شموليت بابت خبر سوشل ميڊيا تي ٻڌائي. ريوابا جديجا ڀارتي شهر ڄام نگر مان بي جي پي جي اسيمبلي ميمبر آهي، هن رڪنيت سازي مهم دوران پنهنجي ۽ مڙس جون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن. رپورٽ موجب ريوابا جديجا 2019 ۾ بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2022 ۾ ڄام نگر مان ڪامياب ٿي، هن عام آدمي پارٽي جي اميدوار ڪرشن ڀائي ڪرمور کي شڪست ڏني هئي. واضح رهي ته 35 ورهين جي رويندرا جديجا ڀارت طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 کٽڻ کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.