نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ “سوسائٽ پروف” ڪمرا ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب رياست راجسٿان جي ريگستان وٽ موجود علائقي “ڪوٽا” جي شهرت ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن جي ڪري آهي جن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جي تياري ڪرائيندڙ ادارن جو تعداد به ڪافي گھڻو آهي پر ان علائقي ۾ شاگردن جي خودڪشي جي واقعن جي گھڻائي آهي، جنهن جو سبب هتي ملڪ جي سڀ کان ناميارن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ داخلا جي تياري ڪرائيندڙ ڪوچنگ سينٽرن جو هجڻ آهي. گذريل مهيني ڀارت جي جونئر وزيرِ تعليم پارليامينٽ ۾ ان واقعن تي سوال اٿاريا هئا. جنهن تي ڪوٽا ضلعي انتظاميا هاسٽلن جي ڇتن وارا پنکا تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هاسٽلن جي انتظاميا کي اهڙا پنکا هڻڻ جو چيو ويو آهي جيڪي انسان جو وزن برداشت نه ڪري سگھن. ان کانسواءِ ڪمرن جا دروازا ۽ دريون ٻاهر کلڻ جو انتظام ڪرڻ جو چيو ويو آهي. اهڙي طرح سي سي ٽي وي ڪيمرائن سميت هر ان آپشن کي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جنهن سان خودڪشي کان اڳ پڪڙي سگهجي. ياد رهي تسڄي ڀارت مان ڏيڍ لک شاگرد ڪوٽا جي 300 کان وڌيڪ خانگي ڪاليجن ۾ پڙهڻ لاءِ داخلائون وٺن ٿا هن سال ناڪامي جي صورت ۾ هيل تائين ٻه درجن کان وڌيڪ شاگرد خودڪشي ڪري چڪا آهن.