اسلام آباد(م ڊ) قومي سلامتي جي اڳوڻي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه چيو آهي ته ڀارتي ڊرونز اسان جا ايٽمي ٺڪاڻا ڳولين پيا، اسان ڀارتي ڪارروائين جو ردعمل ڏينداسين، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڀارت کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان جي ملڪ ۾ فوجي ڪارروائي ڪري، ائين نٿو ٿي سگهي ته هندستان پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ اسان جي ٻارڙن ۽ فيمليز کي نشانو بڻائين.