ڀارتي پروپئگنڊا جي جواب ۾ عالمي سفارتي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم پاران ٽاسڪ بلاول حوالي

0
29
ڀارتي پروپئگنڊا جي جواب ۾ عالمي سفارتي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم پاران ٽاسڪ بلاول حوالي
ڀارتي پروپئگنڊا جي جواب ۾ عالمي سفارتي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو: وزيراعظم پاران ٽاسڪ بلاول حوالي

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پاڪستان پاران ڀارتي پروپئگنڊا جي جواب ۾ عالمي سفارتي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول کي اهڙو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ٿيو، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف بلاول کي ڀارتي پروپئگنڊا ٽوڙڻ جو اهم ٽاسڪ ڏنو، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پاڪ-ڀارت موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ يورپ ويندو، بلاول عالمي برادري کي ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪندو، وفد ۾ مصدق ملڪ، خرم دستگير، حنا رباني، جليل عباس جيلاني شامل هوندا، بلاول وفد جي سربراهي ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وفد برسلز، لنڊن ۽ واشنگٽن جو دورو ڪندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف فون تي رابطو ڪيو، وزيراعظم وفد جي قيادت ڪرڻ سوڌو عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي جي درخواست ڪئي، وزيراعظم درخواست ڪئي ته دنيا ۾ پاڪستان جو امن جو موقف پيش ڪريان، عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي جي ذميواري قبول ڪرڻ تي فخر آهي، آئون هن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان.