نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ جونيئر نيشنل گيمز جي گولڊ ميڊلسٽ پاور لفٽر پريڪٽس دوران ڪنڌ تي 270 ڪلو وزن ڪِرڻ سبب فوت ٿي وئي، واقعي جي ڇرڪائيندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.17 ورهين جي عورت پاور لفٽر يشتيڪا اچاريا جي جم ۾ موت جي وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي گردش ڪري رهي آهي.پوليس موجب 270 ڪلو وزن ڪرڻ سبب يشتيڪا جو ڪنڌ ڀڄي پيو، کيس فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.ميڊيا جو چوڻ آهي ته يشتيڪا اچاريا پنهنجي ٽرينر جي نگراني ۾ وزن کڻي رهي هئي ته اوچتو 270 ڪلو وزني راڊ سندس ڪنڌ تي ڪري پيو، جنهن تي نتيجي ۾ هوءَ فوت ٿي وئي.پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ ٽرينر کي به معمولي ڌڪ لڳو.