ڀارتي پارليامينٽ ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌيءَ کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان لوڪ سڀا جي سيڪريٽريٽ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
راهول گانڌي کي گذريل ڏينهن عدالت بدناموسي جي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏيندي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي
عدالت سزا ٻڌائڻ بعد سندس فوري ضمانت به منظور ڪئي هئي، راهول گانڌي 2019 ۾ چونڊ مهم دوران تقرير ۾ مودي ذات جي سمورن ماڻهن کي چور سڏيو هو
عدالتي سزا جي بنياد تي پارليامينٽ راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، راهول گانڌي عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي