نئين دهلي(شوبز نيوز)”گوپي بهو“ جي ڪردار سان شهرت ماڻيندڙ ڀارتي شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر ديولينا ڀٽاچار جي گهر پٽ جي پيدائش. فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا پنهنجي مداحن کي ننڍي مهمان جي آمد جي خوشخبري ٻڌائي. هن پنهنجي مداحن کي خوشي ۾ شامل ڪندي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته ڪالهه کيس پٽ ڄائو آهي. پنهنجي مڙس شاهنواز سان گڏيل پوسٽ شيئر ڪندي ديولينا ڀٽاچارجي ڪيپشن ۾ لکيو ته هيلو، اسان جي دنيا جو ننڍڙو فرشتو اچي ويو آهي. ان سان گڏ هن 18 ڊسمبر 2024ع جي تاريخ پڻ لکي. انسٽا پوسٽ تي، هن هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٻار کي  نيري بي بي ڪوٽ ۽ ان جي ڀرسان هڪ نيري سوٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.