ممبئي ( اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم مان سينئرز فارغ ڪري ڪپتاني پانڊيا حوالي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٽي جنوري کان ڀارت ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ روهت شرما، ڪي ايل راهول ۽ ورات ڪوهلي شامل نه آهن ۽ ٽيم جي قيادت هاردڪ پانڊيا حوالي ڪئي وئي آهي جڏهن ته سوريا ڪمار ياديو کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويوآهي. روهت شرما سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ڪپتاني ڪندو ۽ پانڊيا نائب ڪپتان هوندو. ڀارتي ٽيم ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ريشڀ پنت ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز لاءِ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو جڏهن ته ايشان ڪِشن کي ٻنهي ٽيمن ۾ شامل ڪيو آهي ويو آهي.