ممبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي فاتح ڀارتي ٽيم جي ڏيهه واپسي تي بس پريڊ نه ٿيندي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فاتح ٽيم وانگر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بس پريڊ جو ڪو به پروگرام نه رکيو ويو آهي.دبئي ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽرن جي ڏيهه واپسي جو سلسلو جاري آهي.رپورٽن موجب، ڪپتان روهت شرما ممبئي پهتو آهي، جڏهن ته هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير دبئي کان دهلي ويو.واضح رهي ته ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي ٽيم چارٽرڊ اُڏام ذريعي وطن موٽي هئي.ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي اسڪواڊ جا ميمبر پنهنجي پنهنجن شهرن ڏانهن روانا ٿي رهيا آهن. انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جلد شروع ٿي رهي آهي، تنهنڪري رانديگرن کي هاڻي آرام جو وقفو ڏنو ويو آهي.رپورٽن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر تمام جلد پنهنجي پنهنجي فرنچائزز کي جوائن ڪندا، جڏهن ته فاتح ٽيم جا ڪجهه ميمبر موڪلون ملهائڻ لاءِ دبئي ۾ ئي ترسي پيا آهن.ڀارتي بورڊ طرفان ڪا به خاص تقريب يا پريڊ نه رکڻ سبب رانديگر ڌار ڌار ڏيهه واپس ٿي رهيا آهن.