ڀارتي ٽيم جي شڪست تي شاهه رخ خان جو رد عمل

0
292
ڀارتي ٽيم جي شڪست تي شاهه رخ خان جو رد عمل
ڀارتي ٽيم جي شڪست تي شاهه رخ خان جو رد عمل

بالي ووڊ اداڪار ڪنگ خان آسٽريليا هٿان ڀارتي ٽيم جي شڪست تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، فائنل ميچ ۾ جتي وڏي انگ ۾ مداح موجود هئا، اُتي بالي ووڊ اداڪار به ميچ ڏسڻ پهتا هئا

ڪينگروز ڀارتي سورمائن کي سندن گهر ۾ ئي اهڙي شرمناڪ شڪست ڏني جو ڀارتي مداحن سان ڀريل اسٽيڊيم ۾ سوڳ جهڙو ماحول ٿي ويو، نريندر مودي سميت سمورين ڀارتين جو ورلڊ ڪپ کٽڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويو

ڀارت جي شڪست کانپوءِ بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان پنهنجي ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ ايڪس تي خاص پيغام جاري ڪيو

اداڪار چيو ته ڀارتي ٽيم جنهن جذبي ۽ لڳاءُ سان ٽورنامينٽ کيڏيو اهو اعزاز جي ڳالهه آهي، سمورن رانديگرن وڏي جذبي ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو

اداڪار چيو ته ڪاميابي ۽ ناڪامي راند جو حصو آهي، ضروري ناهي ته هر ڀيري اوهان ئي ڪامياب ٿيو، ڀارتي ٽيم شاندار راند ڏيکاري، مان رانديگرن سان گڏ آهيان