نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر وريڌيمن ساها سمورن فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارت جي بهترين وڪيٽ ڪيپرز ۾ شامل ٿيندڙ وريڌيمن ساها سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي سمورين فارميٽس تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هن لکيو ته رانجي ٽرافي بعد منهنجو ڪرڪيٽ ڪيريئر ختم ٿي ويندو، اطلاع آهن ته ساها 2025 ۾ انڊين پريميئر ليگ جو حصو به نه هوندو، ساها جو 2023 ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان ڪانٽريڪٽ به ختم ٿي ويو هو، جنهن بعد اهو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هو، هن پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته رانجي ٽرافي جو هي منهنجو آخري سيزن آهي. واضح رهي ته ورڌيمن ساها 40 ٽيسٽ ۽ 9 ون ڊي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.