ڀارت(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي وي لاگر پنهنجي ٺوڙ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب 36 سالن جو شفيق هاشم سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪندي مختلف ڪمپنين کي پنهنجي ٺوڙ تي اشتهار لڳائڻ جي آفر ڪندو رهيو، جنهن بعد هڪ مقامي اداري شفيق هاشم کي وار ٽرانسپلانٽ جو پهريون اشتهار ڏنو، جيڪو 3 مهينن تائين جاري رهندو ان دوران شفيق هاشم جي گنجي تصوير اشتهار ۾ ڏيکاربي رهندي، بعد ۾ مختلف ڪيميڪل ذريعي ان ٽيٽو کي ڊاٿو ويندو جنهن جو معاوضو ڀارتي 50 هزار رپيا ٿئي ٿو، جيڪا ڄاڻايل ڪمپني ادا کيس ڪندي. وي لاگر شفيق هاشم چيو آهي ته مون کي اميد آهي ته مستقبل ۾ ان کان به سٺا اشتهار ملندا رهندا. ڀارتي ميڊيا موجب شفيق کي پنهنجي ٺوڙهه جا فوٽو بل بورڊ تي استعمال ڪرڻ جو خيال ان وقت آيو جڏهن هن پنهنجي ٺوڙهه لڪائڻ لاءِ وار لڳرائڻ جو سوچيو. بعد ۾ هن سوچيو ته گنج پڻ قدرتي شئي آهي، ان کي قبول ڪرڻ گهرجي.