ڪولمبو( اسپورٽس نيوز) ڀارتي وومين ٽيم ٽرائي سيزير جي 5 ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪي وومين ٽيم کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خبر موجب ڀارت جي وومين ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 337 رنسون اسڪور ڪيون، جمائمه 123 رنسن جي اننگ کيڏي، ديپتي شرما 93 ۽ مندانا 51 رنسون اسڪور ڪيون، ڏکڻ آفريڪا جي ڪلاس،ڪليرڪ ۽ ملابا 2-2 وڪيٽون ورتيون، ٽارگيٽ جي جواب ۾ آفريڪي وومين ٽيم مقرر اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 314 رنسون ٺاهي سگهي، ڊريڪسن 81،ٽرايون 67،سمت 39 ۽ شنگازي 36 رنسون اسڪور ڪيون،ڀارت جي امنجوت 3،ديپتي 2 وڪيٽون ورتيون،