ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي وومين ٽيم سريلنڪا جي وومين ٽيم کي 9 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي،خبر موجب پهريان بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم 147 رنسن تي ڍير ٿي وئي،سنيهه رانا 3، ديپتي،شري 2-2 وڪيٽون ورتيون،سريلنڪا طرفان مليل ٽارگيٽ ڀارتي وومين ٽيم 30 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو،پراتيڪا 50،مندانا 48  ۽ هرلين 43 رنسون اسڪور ڪيون.