واشنگٽن(م ڊ)آمريڪا ۾ ڇپيل اشتهار ڀارت ۾ واويلا مچائي ڇڏي آهي. وال اسٽريٽ جرنل ۾ ڇپيل هڪ اشتهار ۾ ڀارت جي ناڻي واري وزير سميت يارنهن ڪامورن کي گهربل قرار ڏيندي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميگزين ۾ موڊيز ميگنٽسڪائي اليون جي عنوان سان اشتهار خانگي آمريڪي تنظيم فرنٽيئرز آف فريڊم ڇپرايو آهي. اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته انهن آفيسرن سان ملو جن ڀارت کي سيڙپڪاري جي حوالي سان غيرمحفوظ هنڌ بڻائي ڇڏيو آهي. آفيسرن سياسي ۽ ڪاروباري مخالفن کان بدلو وٺڻ جي لاءِ رياستي ادارن کي استعمال ڪيو جنهن جي ڪري قانون جي حڪمراني ختم ٿئي ٿي. اشتهار ۾ آمريڪي حڪومت گلوبل ميگنٽسڪائي هيومن رائيٽس ڪائونٽيبلٽي ايڪٽ تحت انهن ڀارتي آفيسرن تي واپاري ۽ ويزا جون پابنديون لاڳو ڪيون وڃن. ناڻي وزير نرملا سيتارامن،راڪيش سسيڀوشن، تشار مهتا، هيمنت گپتا، وي راماسبرامنين، جج چندر شيکر، اشيش پاريک، سنجي ڪمار مشرا، آر راجيش، اين وينڪٽرامن، صاد محمد نئجنار تي پابندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.