دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شُڀمَن گِل پاڪستان خلاف اهم مقابلي سينچري اسڪور ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. آءِ سي سي چمپپيئنز ٽرافي جي مها دنگل کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ڀارتي نائب ڪپتان چيو ته يقينن پاڪستان خلاف ميچ ۾ سينچري ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته بنگلاديش خلاف ميچ دوران ماڪ نه پوڻ باوجود بيٽنگ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، پاڪستان خلاف جيڪڏهن اسٽرائيڪ روٽيٽ ڪندا رهياسين ته ميچ کٽي وينداسين. واضح رهي ته شُڀمَن گِل بنگلاديش خلاف پهرين ميچ ۾ ناقابلِ شڪست 101 رنسن جي اننگز کيڏي هئي جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هو. ڀارتي بيٽر وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف ميچ انتهائي اهم آهي ۽ ٽيم ان مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرجوش آهي.