نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا نئين دعويٰ ڪئي آهي ته بي سي سي آءِ فيوزن فارمولي تحت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي بورڊ فيوزن فارمولو پنهنجي ايونٽن تي لاڳو ڪرڻ نٿو چاهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو آهي ته پاڪستان ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ايونٽ جون گروپ ميچون نيوٽرل وينيو تي کيڏي پر جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ پهتو ته ان کي ڀارت ۾ کيڏڻو پوندو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڀارت ۾ آءِ سي سي ايونٽن جو بائيڪاٽ ڪندو ته قانوني ڪارروائي کي منهن ڏئي سگهي ٿو. واضح رهي ته پي سي بي 3 سالن تائين ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ايونٽس لاءِ فيوزن ماڊل پيش ڪيو، پي سي بي جو واضح موقف آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ نه کيڏندو ته پاڪستان به پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪليندو. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ڀارتي هٺ ڌرمي سبب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو اعلان به ناهي ٿي سگهيو.