ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان بابت ڪوڙين خبرن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي انهن کي ”مذاق“ قرار ڏئي آهي. هڪ ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا تي ٿيل ڪوڙين دعوائن تي ردعمل ڏيندي بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها به ڀارتي ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ”اسان جا نيوز چينل هاڻي مذاق بڻجي چڪا آهن، مان انهن جي ڊرامائي منظرن ۽ مسلسل رڙين دانهن مان تنگ ٿي وئي آهيان، ميڊيا کي سمجهڻ گهرجي ته اهي گوڙ مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟“ سوناڪشي وڌيڪ چيو ته ” عوام کي ڊپ ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ بند ڪريو، نيوز جي نالي تي بڪواس ڏسڻ بند ڪيو.“ٻئي پاسي ڀارتي عوام به پنهنجن نيوز چينلن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جتي ماڻهن چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙ جي بازار بڻجي چڪي آهي، انهن قومي عزت کي ڌڪ رسايو آهي ۽ صحافتي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن اهو به سوال اٿاريو ته اهڙن ميڊيا ادارن کي قانون جي گهيري ۾ ڇو نٿو آندو وڃي.