نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي فوج پاڪستان سان جنگ ۾ ويڙهاڪ جهازن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڀارتي هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوهاڻ تصديق ڪندي چيو ته مئي ۾ پاڪستان سان چڪرين ۾ ڪجهه جهاز تباهه ٿيا، جيڪي غلطيون ٿيون اهي اهم آهن، اسان غلطين کي سمجهيو ۽ درست ڪيو، جنگبندي برقرار آهي، جنرل انيل چوهاڻ تباهه ٿيل جهازن جو انگ ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته اهم اهو نه آهي ته اسان جا جهاز تباهه ٿيا پر اهو آهي ته اهي ڇو تباهه ٿيا ؟