ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي مشهور ريپر فنڪار ”ڊريڪ“ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي مئچ دوران ڀارت تي شرط لڳائي جوا ۾ 7 ڪروڙ رپيا کٽي ورتا. ڊريڪ طرفان انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي، جنهن دعويٰ ڪئي ته ڀارت جي ڪاميابي تي 6 ڪروڙ رپيا شرط لڳائي هئي. ڀارتي خابرو اداري طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي ٽيم جي کٽڻ تي فنڪار مجموعي طور تي 7 لک 15 هزار پائونڊ 7.58 ڪروڙ رپيا ۽ 2 لک 4 هزار پائونڊ 2.16 ڪروڙ رپيا جوا ۾ کٽيا آهن. ياد رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي، ان کان اڳ به ڀارتي ريپر فنڪار آءِ پي ايل ۾ ڪولڪتا نائٽ رائڊرز جي ٽيم طرفان شرط لڳائي پوڻا چار ڪروڙ رپيا کٽيا هئا.