سينچورين(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي ويل ڀارتي ٽيم سينچورين ٽيسٽ ۾ اننگز شڪست جو شڪار ٿي وئي. ميزبان پروٽياز جي ٽيم ڀارت جي 245 رنسن جي جواب ۾ پهرين اننگ ۾ 408 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي جنهن ۾ ڊين ايلگر جون 185، مارڪو جينسن جون 84، ڪوٽزي 19، ربادا هڪ، رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڀارت جي بمرا 4، سراج 2، ٺاڪر، ڪرشنا ۽ ايشون هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٻي اننگ ۾ ڀارتي ٽيم ڍير ٿي وئي ۽ 131 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، شبنم گل 26 ۽ ويرات ڪوهلي 76 رنسن کانسواءِ ڪو راندگير ڊبل فگرز ۾ داخل نه ٿيو، جيسوال 5، روهت شرما بنا رنس، ائير 6، راهول 4، ايشون 0، ٺاڪر 2، بمرا 0، سراج 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. برگر 4، جينسن 3 ۽ ربادا 2 وڪيٽون ورتيون. ڊين ايلگر مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.