ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جهاز ڪِري تباهه، 53 برطانوي شهرين ۽ اڳوڻي وڏي وزير سميت 241 مسافر فوت

0
29
ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جهاز ڪِري تباهه، 53 برطانوي شهرين ۽ اڳوڻي وڏي وزير سميت 241 مسافر فوت
ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جهاز ڪِري تباهه، 53 برطانوي شهرين ۽ اڳوڻي وڏي وزير سميت 241 مسافر فوت

احمد آباد(م ڊ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 53 برطانوي شهرين، اڳوڻي وڏي وزير ۽ عملي جي 12 ميمبرن سميت جهاز ۾ سوار 241 مسافر حياتي وڃائي ويٺا. ڀارتي ميڊيا موجب، تباهه ٿيل جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير روپاني به سوار هو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۾ 169 ڀارتي شهري، 53 برطانوي، هڪ ڪينيڊين ۽ 7 پرتگالي شهرين سميت 11 ٻار به موجود هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب، ايئر انڊيا جي اُڏام اي آءِ 171 احمد آباد ايئرپورٽ تان روانگي وقت 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان رڳو 625 فوٽ بلنديءَ تائين اڏي سگهي ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪِري تباهه ٿي وئي. حادثو ڀارتي وقت موجب منجهند هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ڌاران پيش آيو. ٻئي پاسي حادثي کانپوءِ احمد آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي فلائيٽ ريڊار موجب، اڏام ڀرڻ بعد هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ 625 فوٽ جي بلنديءَ تي جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو هو. هوڏانهن ڀارتي ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ هڪ لڳي 39 منٽن تي ڪئپٽن ”مي ڊي“ جي ڪال ڏني هئي.ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جو شڪار بوئنگ 787 جهاز 11 سال پراڻو هو. هي بوئنگ 787 جهاز سان پهريون حادثو آهي جنهن بعد بوئنگ ڪمپني جي شيئرز جا اگهه ڪري پيا. ٻئي طرف جهاز جو هڪ بليڪ باڪس ملي ويو آهي جنهن بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جهاز حادثي تي برطانوي بادشاهه چارلس، وزيراعظم سير ڪيئر اسٽارمر، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ ٻين عالمي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ ڀارتي عوام سان گڏ بيٺا آهن. برطانوي شاهي خاندان پاران جاري ڪيل سوشل ميڊيا بيان موجب بادشاهه چارلس چيو آهي ته کيس احمد آباد ۾ جهاز حادثي جي خبر ٻڌي گهرو صدمو رسيو آهي. هن چيو ته هو ۽ سندس گهرواري هن افسوسناڪ حادثي جي متاثرن لاءِ دعاگو آهن ۽ وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪن ٿا. برطانيا جي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر به حادثي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن لکيو ته تباهه ڪندڙ منظرن تي سندس دل ڏڪي ويئي۽ احمد آباد مان لنڊن لاءِ اُڏام ڀريندڙ جهاز ۾ ڪيئي برطانوي شهري سوار هئا، جن جي حوالي سان کيس مسلسل آگاهه ڪيو پيو وڃي. يورپي ڪميشن جي صدر اُرسلا وان چيو آهي ته هو متاثر خاندانن سان گهري همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا، سندس چوڻ هو ته ڏُک جي هن گهڙي ۾ ڀارتي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺا آهيون. روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته احمد آباد جي جهاز حادثي تي کيس گهرو ڏُک رسيو آهي، سندس همدرديون متاثرن سان آهن. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون پڻ حادثي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هيءَ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن تي هو ڀارتي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم مائيڪل مارٽن به حادثي کي افسوسناڪ قرار ڏنو آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر محمد يونس ڀارت کي ڪنهن به قسم جي مدد جي آڇ ڪئي آهي.

ڏاڍو مزو آيو، الوداع ڀارت: برطانوي نوجوانن جي آخري وڊيو شئير

احمد آباد(م ڊ) ڀارتي شهر احمد آباد ۾ ايئرپورٽ ويجهو تباهه ٿيل جهاز ۾ سوار ٻن برطانوي شهرين جي سوشل ميڊيا تي يئر ڪيل آخري پوسٽ سامهون اچي وئي، لنڊن سان تعلق رکندڙ يوگا اسنٽرڪٽر جيمي ميڪ پنهنجي ساٿي فيونگل گرينگلاوميڪ سان گڏ ڀارت آيو هو، وڊيو ۾ نوجوانن ڀارت ۾ پنهنجي قيام کي جادوئي تجربو قرار ڏيندي چيو ته ڏاڍو مزو آيو الوداع ڀارت، پر اهي پنهنجي ملڪ ته نه وڃي سگهيا، موت جي منهن ۾ هليا ويا. شيئر ڪيل وڊيو ۾ هو احمد آباد ايئرپورٽ تان روانگي وقت باءِ انڊيا چوندو رهيو.

ڀارتي جهاز کي ڪِرڻ ۾ هڪ منٽ به نه لڳو: سي اين اين

واشنگٽن(م ڊ) ايئر انڊيا جي جهاز حادثي بابت آمريڪي خابرو اداري سي اين اين پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته بوئنگ 787 ڊريم لائنر جهاز ٽيڪ آف جي هڪ منٽ اندر ئي هڪ وڻ سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جهاز جي پائليٽس کي هنگامي پيغام موڪلڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو ڇاڪاڻ جو جهاز ڪنٽرول مان نڪري چڪو هو.