ممبئي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي شهري سال 2023 ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو کاڌو آرڊر ڪيو، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارت جي شهر ممبئي جي هڪ رهائشي 2023 ۾ پاڪستاني هڪ ڪروڙ 43 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جو کاڌو آن لائن گهرايو، فوڊ ڊليوري سروس سالياني رپورٽ جاري ڪئي، جنهن جو مقصد ڀارت ۾ کاڌن جو رجحان ۽ ترجيحون معلوم ڪرڻ هيو، کاڌو ڊليور ڪندڙ سروس پنهنجي سالياني رپورٽ جو جائزو ڪري پاڻ ئي دنگ رهجي وئي، فوڊ ڊليوري سروس موجب ممبئي جي هڪ صارف پوري سال ۾ ڀارتي ماليت موجب 42.3 لک رپين (يعني هڪ ڪروڙ 43 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپين) جا کاڌا آرڊر ڪيا، فوڊ ڊليوري سروس جي سالياني رپورٽس موجب انهن کي سڀ کان وڌيڪ آرڊر برياني جا مليا، جڏهن ته ڪيڪ، گلاب جامن ۽ پيزا جي ڊمانڊ به وڌيڪ رهي.