لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي ريپر بادشاهه سان ويجهڙائي تي هانيا عامر جو رد عمل اچي ويو آهي. هڪ  انٽرويو ۾ اداڪارا کان ريپر بادشاهه سان دوستي بابت سوال ڪيو ويو. جواب ۾ هانيا عامر کلندي چيو ته پهرين ته اهو ذاتي نوعيت جو سوال آهي، جنهن تي ميزبان زور ڀريندي چيو ته اوهان ٻئي پبلڪ فگرز آهيو، اداڪارا جواب ڏنو ته اهو سڀ انسٽاگرام ذريعي ٿيو. هانيا عامر ٻڌايو ته اصل ۾ بادشاهه هڪ ريل انسٽاگرام جي مختصر وڊيو تي ڪمينٽ ڪيو، جنهن بعد منهنجي دوستن چيو ته بادشاهه منهنجي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته بادشاهه مونکي ميسيج ڪيا، جنهن بعد اسان جي ٿورڙي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ميزبان چيو ته ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته اوهان ٻنهي ۾ رومانوي لاڳاپا آهن، جنهن تي هانيا جواب ڏنو ته اهڙو ڪجهه ناهي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته منهنجو مسئلو صرف اهو آهي ته پرڻين ناهيان. هانيا وضاحت ڏيندي چيو ته شادي شدا هجان ها ته شايد ماڻهو منهنجي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪن ها.