ڀارتي راڳي دلير مهندي جي حضرت محمدﷺ کي ڀيٽا

0
114
ڀارتي راڳي دلير مهندي

ڪراچي: ناليواري ڀارتي سنگر دلير مهندي به 12 ربيع الاول جي موقعي تي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي ۽ پنهنجي هڪ وڊيو ۾ چيو آهي ته محمد ﷺ رڳو مسلمانن جو نه پر اسان جو به آهي.

سک راڳي پنهنجي هڪ منٽ 53 سيڪنڊز تي ٻڌل ان وڊيو جي شروعات سک شاعر مهندر سنگهه جي شعر سان ڪئي آهي ۽ ان وڊيو ۾ هن انسانيت جي عظيم محسن ﷺ کي گيت جي ڀيٽا به پيش ڪئي.