ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني سوشل ميڊيا تي هڪ نينگري جون ڪرڪيٽ کيڏڻ جون وڊيوز تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهي، جن ملڪي توڻي ڪرڪيٽ جي عالمي ستارن جو ڌيان پڻ پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. آسٽريلوي وومينز ٽيم جي ڪپتان ۽ آسٽريلوي مينز ٽيم جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ جي گهرواري ايليسا جين هيلي پڻ سونيا جي ڪرڪيٽ شاٽس جي واکاڻ ڪئي. ايليسا جين هيلي سونيا جي کيڏڻ جي انداز تي تبصرو ڪندي چيو ته ” ڇهن ورهين جي عمر ۾ سونيا جو ڪرڪيٽ کيڏڻ جو انداز انتهائي شاندار آهي، جنهن نموني هوءَ ڪوَر ڊرائيو کيڏي ٿي ۽ جيئن هوءَ بال کي ٽائيم ڪري ٿي، اِهو ڏاڍو حيرت جوڳو منظر آهي، ايتري ننڍڙي عمر ۾ هيءَ نينگري اهڙيون شاٽون ڪيئن کيڏي سگهي ٿي؟“ سندس وڌيڪ چوڻ هو”هوءَ پراميد آهي ته هو وڏي ٿي گرين شرٽس (پاڪستان جي وومينز ٽيم) جي نمائندگي ڪندي.“ ايليسا جين چيو”سونيا جنهن نموني کيڏي ٿي، سندس انداز ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي بيٽنگ اسٽائل سان ملندڙ جلندڙ آهي.“ ان کانسواءِ، آءِ سي سي امپائرز جي ايليٽ پئنل ۾ شامل رچرڊ ڪئٽلبرو ايڪس تي لکيو ته”سونيا جي پُل شاٽ روهت شرما جهڙي آهي.“ سندس پوسٽ تي پي ايس ايل جي ايڪس هينڊل لکيو، ”ڇا ڪير ڄاڻي ٿو ته هيءَ ڪير آهي ۽ ڪٿي رهي ٿي؟ اسان ساڻس ملڻ چاهيون ٿا.“ سونيا جي پيءُ طارق جو چوڻ آهي ته ” شروع کان ئي سونيا لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ۽ ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي فيورٽ رهيا آهن ۽ هوءَ سندن کيڏڻ جو انداز ڪاپي ڪري ٿي.“ طارق حسين، جيڪو رحيم يار خان جي تعلقي صادق آباد ۾ هڪ ننڍڙي موبائل شاپ هلائي ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته” سونيا کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق آهي. هوءَ ٽن سالن جي هئي جڏهن ڪرڪيٽ بيٽ ۽ بال وٺڻ جو ضد ڪيو هئائين. مان وائڙو ٿي ويو هئس ته هوءَ گڏي بدران ڪرڪيٽ بال جي گهر ڪري رهي آهي.“ هن چيو ته ”مان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اعليٰ عملدارن کي اِها گذارش ڪندس ته هو سونيا جي ٽيلينٽ کي نکارڻ ۾ منهنجي مدد ڪن.“ هن وڌيڪ چيو ته“ مان ان ڳالهه تي مڪمل يقين رکان ٿو ته سونيا هڪ ڏينهن شاندار ڪرڪيٽر بڻجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندي.“