واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) هندستان طرفان پاڪستان جي قرض پروگرام کي روڪڻ وارين ڪوششن کي رد ڪندي پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي قرض پروگرام جي جائزي تي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس طئي ٿيل شيڊول موجب اڄ ٿيندو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي دير يا تبديلي نه ٿيندي، جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ پراميد آهيون ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙ تڪرار پرامن حل ڏسڻ چاهيون ٿا.