اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو/مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي حملن ۾ 2 ٻارن سوڌو 31 شهري شهيد ۽ 57 زخمي ٿيڻ جي تصديق، سلامتي ڪائونسل پاڪ فوج کي ڪارروائي لاءِ مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا، سياسي ۽ عسڪري قيادت چيو آهي ته انڊيا کي جن رافيل جهازن تي غرور هو اهي خاڪ بڻجي ويا، ڀارت نتيجا ڀوڳيندو، وقت ۽ هنڌ پاڻ طئي ڪنداسين، جڏهن ته  انڊيا پاران شڪست تسليم، چوڪين تي اڇا جهنڊا ڦڙڪائي ڇڏيا. رپورٽس موجب قومي سلامتي ڪاميٽي ڀارتي جارحيت تي پاڪ فوج کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، اعليٰ فوجي اختيارين، وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، سلامتي ڪاميٽي ڀارتي ڪاررواين کي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي.  پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي بنا جواز، بزدلاڻي ۽ جنگي قدمن جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ شهيدن لاءِ دعا  ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو،  قومي سلامتي ڪاميٽي ڀارتي جارحيت تي پاڪ فوج کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ عزم ورجايو ويو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ عوام جي تحفظ تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو، ڀارتي جارحيت جو عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته معصوم شهرين، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ هڪ شرمناڪ ڏوهه آهي، جيڪو انساني اخلاقيات ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف آهي. پاڪستان ڀارت جي پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد ڪيمپن جي الزامن کي سختي سان رد ڪري ٿو. 22 اپريل 2025 کان پوءِ پاڪستان غيرجانبدار، شفاف ۽ قابل اعتماد جاچ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي. عالمي ميڊيا جي نمائندن اڳ ئي 6 مئي تي انهن خيالي دهشتگرد ڪيمپن جو دورو ڪيو هو، ۽ 7 مئي لاءِ وڌيڪ دورا طئه هئا. ڀارت پنهنجي ڪوڙن الزامن جي بي نقاب ٿيڻ جي ڊپ کان ثبوت کانسواءِ شهرين تي حملا ڪرڻ تائين لهي آيو آهي. اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي پاڪستان لاءِ ناقابل قبول ۽ ناقابل برداشت آهي. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ جنگ جي باهه ڀڙڪائي آهي، جنهن جا سمورا نتيجا ڀارت کي ڀوڳڻا پوندا.  پڌرائي ۾ چيو ويو ته اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت، پاڪستان کي پنهنجي دفاع ۾ ڪنهن به وقت ڪنهن به جاءِ تي ۽ ڪنهن به طريقي سان جواب ڏيڻ جو مڪمل حق حاصل آهي. هٿياربند فوجن کي انهيءَ سلسلي ۾ باضابطا اختيار ڏنا ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو دشمن کي واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو جواب ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏيڻو آهي ؟ وقت ۽ هنڌ جو تعين اسان پاڻ ڪنداسين، ميڊيا بريفنگ ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڀارت رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي مسجدن، سول آبادي ۽ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو، ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ ٻه مسجدون شهيد ٿيون، ٻن ٻارڙن سميت 31 معصوم شهري شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏنو ويو، ڀارت جا 5 ويڙهاڪ جهاز ۽ 7 ڊرون ڪيرايا ويا، ڀارتي چيڪ پوسٽون به تباهه ڪيون ويون، ٻيهر به ڀارتي جارحيت جو پوري طاقت سان جواب ڏيندا رهنداسين، ڀارتي جارحيت جو جواب ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏيڻو آهي، وقت ۽ جاءِ جو تعين اسان پاڻ ڪنداسين. جڏهن ته ڀارت اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات اونداهيءَ ۾ ڇهن هنڌن حملا ڪيا جنهن جي نتجي ۾ 31 شهري شهيد ۽ 57 زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، احمدپور شرقيه ۾ سبحان الله مسجد کي نشانو بڻايو ويو، ٽن سالن جي ٻن ٻارڙين سميت 13 شهري شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ 7 عورتون ۽ 4 مرد به شامل آهن، 9 عورتن سميت 37 شهري زخمي ٿيا، مظفرآباد ويجهو بلال مسجد کي ڀارت طرفان نشانو بڻايو ويو، 3 شهري شهيد ٿي ويا، هڪ ٻارڙي ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿيو، ڪوٽلي ۾ عباس مسجد کي نشانو بڻايو ويو، 3 شهري شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، سيالڪوٽ ۾ ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن، شڪر ڳڙهه ۾ ڀارتي حملي ۾ رڳو هڪ ڊسپينسري کي نقصان ٿيو، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايل او سي تي جاري ڀارتي گولاباري جي نتيجي ۾ 5 معصوم شهري شهيد ٿي ويا، هڪ معصوم ٻارڙو به شامل آهي. پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، 5 ڀارتي ويڙهاڪ جهاز، برگيڊ هيڊ ڪوارٽر ۽ 7 ڊرون تباهه ڪيا ويا، ڀارتي فوج ايل او سي جي چورا ڪمپليڪس ۽ وادي ليپا سيڪٽر جي پوسٽ وانجل فارورڊ تي اڇا جهنڊا ڦڙڪائي شڪست مڃي ورتي، هٿياربند فوج جو قوم جي ڀرپور حمايت سان ڀارتي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، پاڪستان دشمن جي جارحيت جي جواب ۽ پنهنجي دفاع ۾ ڀارت جا 5 جهاز ۽ هڪ ويڙهاڪ ڊرون تباهه ڪيو، ڀارتي ويڙهاڪ جهازن ۾ 3 رافيل، هڪ مگ 29 ۽ هڪ سخوئي 30 شامل آهي، هڪ ڀارتي جهاز جنرل ايريا ڀٽنڊا، هڪ ڄمون، 2 اونتي پور، هڪ اڪنور ۽ گج سري نگر ۾ ڪيرايو ويو، دشمن جي ڪنهن به جهاز کي پاڪستاني هوائي حدن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو نه ئي ڪو پاڪستاني جهاز ڀارتي هوائي حدن ۾ داخل ٿيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو  آهي ته ڀارت نيلم جهلم هائيڊو پاور منصوبي جي اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو، هائيڊرو پروجيڪٽ کي نشانو بڻائڻ قبولڻ جوڳو ناهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جيڪا حرڪت ڪئي، اُن جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ڀارت کان شهيدن جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ورتو ويندو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ۽ قوم کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف جو ڀارتي حملن ۽ اُن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهائيندي چوڻ هو ته جيڪي جهاز ڀارت جو غرور هئا، اُهي خاڪ ۽ ملبي ۾ تبديل ٿي ويا، ڀارت حملي جي فاش غلطي ڪئي، اسان جي شاهينن آسمان ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيو، دُنيا ڏٺو ته اسان کان گهڻا ڀيرا طاقتور دشمن کي گوڏا کوڙڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳا، پاڪستان نياپو ڏنو ته پنهنجي دفاع ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکون ٿا، وزيراعظم چيو ته اسان احتياط نه ڪريون ها ته ڀارت جا 5 بدران 10 جهاز ڪيرايون ها، ڀارتي رٿابندين جي اڳواٽ ڄاڻ هئي، پاڪ فوج تيار هئي ته ڪڏهن ٿا ڀارتي جهاز اُڏامن ۽ اُنهن کي سمنڊ ۾ اُڇليون، دشمن رات جي اونداهيءَ ۾ پاڪستان تي حملن جي ڪوشش ڪئي، پر پاڪ فوج ڀارت جا مڪروهه ارادا ناڪام بڻايا ۽ اُن کي چانڊوڪي رات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، شهباز شريف چيو ته پهلگام ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، وي ڀارت 10 منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ڪئي ۽ اِن بعد ڀارتي ميڊيا ۽ سياستدانن الزام هڻندي پوري دنيا کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا نه ڪري اِن ۾ پاڪستان ملوث آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ دهشتگردن بلوچستان ۾ ٽرين هاءِ جيڪ ٿي، جنهن ۾ پابندي مڙهيل بي ايل اي سان گڏ ٽي ٽي پي ۽ ان جي حمايت ڀارت سان لاڳاپا ملن ٿا جنهن جا ثبوت اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته ڀارت کي ان واقعي جي مذمت جي توفيق ته ناهي ٿي پر انهن سنگدليءَ سان ان واقعي جو مذاق اُڏاريو، جنهن کي تاريخ ۾ هميشه بدترين لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مون اڳ به واضع ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان جو ان سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي ۽ اسان اڻڌري جاچ جي به آڇ ڪئي، وزيراعظم چيو ته  پاڪ فوج 29 اپريل جي رات پاڪستان رافيل جهازن جي ڪميونيڪيسن کي لاڪ ڪري ڇڏيو ۽ دشمن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته اسان سان ڇا ٿيو؟ ۽ هو فوري طور تي واپس ٿي سري نگري ۾ وڃي لٿا. هن چيو ته ائين ناهي ته اسان کي خبرون نٿيون ملن، اسان ڀارت جي ناپاڪ ارادن کان واقف هئاسين. گذريل رات دشمن پوري تياري سان 80 جهاز حملي ۾ شامل هئا ۽ انهن 6 مختلف هنڌن تي حملا ڪيا. پاڪستان مڪمل تيار هيو، اسان جي جهازن پاڪستان جي سرحد عبور نه ڪئي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان نه رڳو ايٽمي طاقت آهي، پر روايتي جنگ ۾ به مڪمل تيار آهي. دشمن کي ڪالهه رات ننڊ به نه آئي. اسان جي دوستن کي به خبر پئجي وئي ته پاڪستان جي فوج فولادي آهي. سڀاڻي جيڪڏهن انهن تي ڏکيو وقت آيو ته پاڪستان طرف مدد جي درخواست ڪندا. پاڪستان کي اِن کان وڌيڪ ڪا عزت نٿي ملي سگهي. شهباز شريف چيو ته اسان جي فوج جي سربراهن مڪمل تياري ڪئي هئي. ٻئي طرف آرمي چيف پاران ايئر هيڊ ڪوارٽرز جي دوري دوران دشمن جا جهاز تباهه ڪرڻ تي هوائي فوج جي واکاڻ ڪئي وئي، آمي چيف عاصم منير ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف هوائي فوج جي سربراهه ۽ ايئر فورس جي شاهينن کي ڀارتي هوائي فوج جي جارحيت ناڪام بڻائڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي، ٽنهي ادارن جي سروسز وچ ۾ بهترين سهڪار جي به واکاڻ ڪئي، آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪو اها ڪوشش ڪندو، ان جي قيمت به ادا ڪندو.