مظفر آباد (م ڊ) ڀارتي فوج پاران سرحدي جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني سرحدن تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي جواب ۾ پاڪستاني چوڪين تان زبردست فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ دشمن جون بندوقون خاموش ٿي ويون. ياد رهي ته ڀارت اڳ به سرحدي جنبگندي جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي.