بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي جھاز تباهه ٿيڻ تي چيني ميمرز چائنيز ٻوليءَ ۾ چٿرون ڪرڻ لڳا آهن. ان ڏس  ۾  چيني ميمرز ڀارت جي ڦٽن تي لوڻ ٻڙڪڻ لڳا آهن. هنن پاڪستاني فوج هٿان ڀارت جي رافيل جهازن جي ڪِڙڻ تي طنزيه گيت ٺاهي ورتو آهي. سوشل ميڊيا تي ڪجهه چيني ميمرز جي هڪ ٽِڪ ٽاڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي. وڊيو ۾ چار چيني ميمرز کي ڀارت جي جنگي جهازن ”رافيل“ جي ڪِرڻ ۽ ان جي نقصان بابت ٺاهيل طنزيه گيت تي جُهمر هڻندي ڏسي سگهجي ٿو. وائرل وڊيو ۾ چيني ميمرز ڀارتي گيٽ اَپ ۽ ڀارتي گيت جي ڌُن تي نچندي ڀارتي دعوائن تي ٺٺول ڪندي نظر اچي رهيا آهن.