اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهَلگام واقعي کان پوءِ اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سفارتي سرگرمين جو مرڪز بڻجي وئي. ڀارتي شرپسندي کان پوءِ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ هنگامي مشاورت لاءِ پرڏيهي وزارت آفيس پهتو، جتي هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پهَلگام واقعي کان پوءِ علائقي جي تازي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب اسحاق ڊار چين جي سفير کي نه رڳو ڀارت طرفان لڳايل الزام بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، پر ڀارت جي تازي اشتعال انگيزين، خاص ڪري سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ پاڻي روڪڻ جي ڌمڪين بابت به آگاهه ڪيو. اسحاق ڊار واضح لفظن ۾ چيو ته پاڻي روڪڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ان کي جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علائقي ۾ امن جو خواهشمند آهي، پر ڀارت جي جاري جارحاڻين پاليسين حالتن کي سنگين بڻائي ڇڏيو آهي، چين جي سفير پاڪستان جو موقف کي ٻڌي، گڏيل تعاون، سفارتي مشاورت ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ چين جي مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن مطابق ملاقات دوران چين ڀارت طرفان پيدا ڪيل ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سفارتي سطح تي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي.