لنڊن (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي هائبرڊ ماڊل جو ضد ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي) پنهنجي ملڪ ۾ شيڊيول آءِ سي سي ايونٽس لاءِ هائبرڊ ماڊل قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2031ع تائين ڀارت ۾ رٿيل آءِ سي سي ايونٽس لاءِ هائبرڊ ماڊل اپنائڻ جو فارمولو پيش ڪيو هو، جيڪڏهن چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ايندي ته پوءِ گرين شرٽس به ڀارت جو رخ نه ڪندي ڇو ته سيڪيورٽي مسئلن سبب حڪومت اجازت نه ڏيندي. پر هاڻي ڀارتي بورڊ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀارت ۾ سيڪيورٽي جو ڪو مسئلو ناهي، تنهن ڪري ڪو به ايونٽ هائبرڊ ماڊل تحت نه ٿيندو. ان کان اڳ ڀارت کانسواءِ آءِ سي سي وفد پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ اسٽيڊيمز جي اڏاوتي ڪم جو جائزو وٺي چڪا آهن، پر ڪو به اعتراض ناهي واريو، جڏهن ته ڀارت سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ (2026) ، جي چيمپيئنز ٽرافي( 2029، سريلنڪا شريڪ ميزبان) ان کانسواءِ ون ڊي ورلڊ ڪپ (2031) جي ميزباني به ڀارت وٽ ئي آهي.